درويش الياس

درويش الياس: درويش الياس خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد هو ۽ ان جي وفات کان پوءِ هي خواجه گل محمد ۽ خواجه محمد زمان ثانيءَ جي صحبت ۾ رهيو. آخري عمر ۾ جسماني طور صفا ڪمزور ٿي ويو ۽ اکين جي روشنائي به گهٽ ٿي وئي هئس. درويش الياس جي شخصيت رعبدار هوندي هئي، درويش جي سامهون ڪو به شخص گفتگو ڪري نه سگهندو هو. حڪيم مير نور علي لکويءَ لکيو آهي ته: ”هڪ ڏينهن خواجه محمد زمان ثاني درويش الياس کي ڏسي ٽي دفعا سبحان الله چيو. مون پڇيو سائين هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي ته خواجه محمد زمان ثانيءَ فرمايو ته: هن جي تعريف خدا جي مرضي موجب ٿئي پئي، آءٌ بيوس آهيان:
ڪرامتها ست اندر پرده غيب،
نگه ڪن تا ڪرار يزند درجيب.
درويش الياس جي وفات 1232هه/ 1816ع ڌاري ٿي. سندس مقبرو پليجن جي قبرستان، ضلعي ٺٽي ۾ اتر طرف آهي.


لفظ درويش الياسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو